ڊاڪٽر آصف فرخي

ڊاڪٽر آصف فرخي

آصف فرخي ڊاڪٽر

آصف فرخي، ڊاڪٽر: ناليواري اديب، ايڊيٽر، مترجم ۽ نقاد ڊاڪٽر آصف فرخي 1959ع ۾ ڪراچي ۾ جنم ورتو. سندس والد جونالو ڊاڪٽر اسلم فرخي آهي، جيڪو مشھور اديب، شاعر، محقق، ٻوليءَ جو ماهر ۽ براڊ ڪاسٽر آهي. آصـف فـرخــي سينٽ پيٽرڪس هاءِ اسڪول، ڪراچي مان ميٽرڪ، ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز، ڪراچي مان ميڊيسن ۾ ۽ هارورڊ يونيورسٽي، آمريڪا مان پبلڪ هيلٿ جون ڊگريون حاصل ڪيون. هن 1985ع کان 1994ع تائين آغا خان يونيورسٽيءَ جي پبلڪ هيلٿ شعبي ۾ پروفيسر جان. ايڇ بريانٽ جي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪيو. هن جا افسانا ۽ تنقيدي مضمون وڏي تعداد ۾ شايع ٿيا آهن. هن ڪيترن ئي اهم سنڌي ڪتابن جا انگريزي ۽ اردوءَ ۾ ترجما ڪيا. جنھن ۾ ناليواري سنڌي شاعره عطيه دائود جي شاعري به شامل آهي. ان جو هن انگريزيءَ ۾ “Raging To Be Free” جي نالي سان 1995ع ۾ ترجمو ڪيو. آصف فرخيءَ اردو ۽ ٻين ٻولين مان ڪيترين ڪھاڻين جو ترجمو: ”Fires In An Autumn Garden“ جي عنوان سان، شيخ اياز جي چونڊ شاعريءَ جو اردو ترجمو: ”دانش اياز“ جي عنوان سان (شاهه محمد پيرزادي سان گڏ)، شيخ اياز: شخصيت اور فن (ترتيب) ”ذڪر اياز“ (1999ع) جي عنوان سان ۽ شيخ اياز جي چونڊ شاعريءَ جو انگريزي ترجمو (شاهه محمد پيرزادي سان گڏ) ”The Storm’s Call For Prayers“ (1999ع) جي عنوان سان ڪيائين. سندس محنتن جي عيوض کيس ”تمغهء امتياز“ ۽ ”وزير اعظم ادبي انعام“ به ملي چڪا آهن. هي انگريزي اخبار ”ڊان“ ۽ ٻين اخبارن ۾ ادبي مضمون به لکندو هو. سندس چونڊ ڪيل ڪھاڻين جا ڇھه ۽ ادبي تنقيد جا 02 ڪتاب ڇپيل آهن. اردو ادبي رسالو ”دنيا زاد“ جاري ڪيائين، جنھن جا ويهارو کن شمارا اچي چڪا آهن. ڊاڪٽر آصف فرخي ڪراچي ۾ هڪ بين الاقوامي تنظيم جي پبلڪ هيلٿ شعبي سان لاڳاپيل هو ۽ پھرين جون 2020ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.00.00  عيسوي

ڊاڪٽر آصف فرخي 1959ع ۾ ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شورو ڄام خان
عبدالقادر منگي
حنا اگناڻي
ڀٽ برڌ واگهه
ديوان گدو مل
ارباب منور هالو
ابڙو الياس پروفيسر
هنود
چنگيز اعتماتوف
ٻيڙو فقير ڪنڀار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون